جيڪب آباد ۾نينگريءَ سان لڄالٽ جي تصديق، 3 جوابدار گرفتار

جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر سرڪي) جيڪب آباد سول لائن ٿاڻي جي حد اي ڊي سي ڪالوني جي رهواسڻ 14 ورهين جي فازيه جکراڻي  سان لڄالٽ جي تصديق ٿي وئي. سول لائن ٿاڻي تي متاثر ناري جي چاچي ساجد جکراڻي جي فرياد تي جوابدار لال ڏنو عرف لالو ڀٽو، حمزه اعواڻ ۽ سرفراز بنگلاڻي سميت ٻن اڻڄاتل جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي سُمير نور چنو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري جي چاچي پنجن جوابدارن تي اجتماعي لڄالٽ جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، جنهن ۾ ڄاتل ٽن جوابدارن لال ڏنو عرف لالو ڀٽو، حمزه اعواڻ ۽ سرفراز بنگلاڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي گرفتار جوابدارن جي ڊي اين اي لاءِ جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا ويندا واضح رهي ته ٻه راتيون اڳ جوابدارن پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ ناري فازيه کي اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو هو، جنهن ۾ ٻه جوابدار لال ڏنو عرف لالو ڀٽو ۽ حمزہ اعواڻ پوليس اهلڪارن جا پٽ آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.