ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ملير مان مبينا اغوا ٿيل نينگري نمرا ڪاظمي جون مشڪلاتون وڌي ويون. نمرا ڪاظمي جا والدين عدالت پهچي ويا، عدالت ۾ هنن پوليس تي سهڪار نه ڪرڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو، عدالت جاچ آفيسر کي طلب ڪري ورتو. جڊيشل مئجسٽريٽ جاويد ڪوريجو جاچ آفيسر کي اج اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. درخواست گذارن چيو ته ڌيءُ سان ملڻ نه ڏنو پيو وڃي ۽ نه ئي ڪا خبر ڏني پئي وڃي.