ڪي اين شاهه لڳ فائرنگ،هڪ ڀاءُ قتل، ٻيو زخمي

خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ:سيد اطهر بخاري) خيرپور  ناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ بهادرپور واسي سڳا ڀائر 50 ورهين جو حاجي عبدالنبي شاهاڻي ۽ 45 ورهين جو علي حيدر شاهاڻي موٽر سائيڪل تي قبرستان وڃي رهيا هيا ته ڪاڇي واري علائقي جي ڳوٺ لاهواري سامهون بچاءَ بند وٽ تاڙ ۾ ويٺل ڪار سوار هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٻئي ڀائر سخت زخمي ٿي پيا. جوابدار ڪار مان لهي ٻنهي زخمين مٿان ڪهاڙين جا وار ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، 50 ورهين جو عبدالنبي شاهاڻي قتل ٿي ويو جڏهن ته زخمي علي حيدر شاهاڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ٿو جهيڙيندڙ ڌريون پاڻ ۾ سئوٽ آهن، هنن وچ ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو، جنهن جو راڄوڻي فيصلو به ٿيو هو. پوليس ٻڌايو ته جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن، جوابدارن جي گهر ٻاهران پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، هنن جو ٻيو گهر دادو ۾ آهي اتي به پوليس ويهاري وئي آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.