نواب شاهه ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل پاڪستان پاران قبله اول بيت المقدس جي آزادي ۽ غاصب اسرائيل خلاف القدس ريلي

نواب شاهه ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل پاڪستان ضلع شھيد بينظيرآباد پاران امت مسلمه جي قبله اول بيت المقدس جي آزادي ۽ غاصب ظالم اسرائيل خلاف مرڪزي القدس ريلي ڪڌي وئي
القدس ریلي ۾ شيعه علماءِ ڪائونسل، مجلس وحدت المسلمين، اماميه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن، پاڪستان جعفريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن، پاڪستان اسلامڪ ايمپلائيز جعفريه يوٿ جي ڪارڪنن، مردن، عورتن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، القدس ريلي کي مولانا ڪفايت حسين ڪريمي، زوار محمد حسين چانڊيو، مولانا عطاء حسين چانڊيو، مولانا سجاد مري، ماجد سنجراڻي، جعفر علي شاهه، آصف حسين الحسيني، خان محمد زرداري خطاب ڪندي چيو آهي ته فلسطين جي حق ۾ اسين مرڪزي سڏ تي آمريڪا خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون آمريڪا مسلمان ملڪن سان ظلم بند ڪري، اڳواڻن آمريڪا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.