ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا زارا نور عباس درزي سان ڪيل ڳالهه ٻولهه مداحن سان شيئر ڪري ڇڏي آهي.
زارا نور عباس انسٽاگرام اڪائونٽ تي اها وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ اداڪارا کي پريشان حال درزي سان ڳالهائيندي ڏسي ۽ ٻڌي سگهجي ٿو.
وڊيو ۾ زارا درزي کي ياد ڏياري ٿي ته عيد ۾ رڳو 3 ڏينهن بچيا آهن.
اداڪارا درزي کي پنهنجن ڪپڙن جي حوالي سان هدايتون ڏئي رهي آهي جڏهن ته بعد ۾ هو پنهنجي درزي کي دڪان تي اچڻ جو چوي ٿي.