عمران خان ۽ ساٿين مذهب کي سياست لاءِ استعمال ڪيو: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر، اڳوڻي وزيراعظم جي نياڻي مريم نواز جو چوڻ آهي ته عمران خان ۽ سندس ساٿين مذهب لاءِ سياست جو  استعمال ڪيو.

اهڙو بيان مسلم ليگ ن نائب صدر ۽ اڳوڻي وزيراعطم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي.

سندس چوڻ آهي ته حرم پاڪ، مدينا منوره ۾ پي ٽي آءِ جي قيادت جي سرپرستي ۾ بي ادبي ڪئي وئي، ان بي ادبي سان نبي ڪريم صه سان محبت ڪندڙ تڙپندا رهجي ويا.

مريم نواز جو چوڻ هو ته مونکي ڪاوڙ ڀريا سوين پيغام مليا ته حڪومت ايڪشن ڇو نه پئي کڻي، حڪومت جو ايڪشن سياسي انتقام تصور ٿيندو ۽ هي معاملو سياسي ناهي.

ن ليگي نائب صدر اهو به چيو ته انهن جي چهرن تان ڪالهه نقاب لهڻ کانپوءِ انهن جا مڪروهه چهرا سامهون آيا آهن، اها ئي انهن جي سڀ کان وڏي سزا آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.