ڪنهن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ جي حق ۾ ناهيون: شاهه زين بگٽي

رياض (ويب ڊيسڪ) منشيات جي خاتمي بابت وزيراعظم شهباز شريف جي صلاحڪار شاهه زين بگٽي چيو آهي ته ڪنهن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ جي حقن ۾ ناهيون.

اهڙو اظهار منشيات جي خاتمي بابت وزيراعظم شهباز شريف جي صلاحڪار شاهه زين بگٽي پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو.

هن چيو ته اسان جي حڪومت واضح چيو هو ته اسان ڪنهن لاءِ انتقامي ڪارروائي نه ڪنداسين.

وزيراعظم شهباز شريف جي صلاحڪار وڌيڪ چيو ته راڻا ثناءُ الله خلاف منشيات جا ڪوڙا ڪيس ٺاهڻ جي پوري جاچ ٿيندي.

شاهه زين بگٽي جو اهو به چوڻ آهي ته جنهن به اهو منصوبو انجنيئر ڪيو ان تائين پهچنداسين ۽ ان کي پبلڪ ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.