محمد حفيظ، شان مسعود جي سليڪشن لاءِ آواز اٿاري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ سليڪشن ڪميٽي کان مطالبو ڪيو آهي ته اوپنر شان مسعود کي بهترين فارم ۾ ٽنهي فارميٽس ۾ پاڪستان جي نمائندگي جو موقعو ڏنو وڃي.
هڪ انٽرويو ۾ اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ شان مسعود جي تعريف ڪندي چيو ته انگلش ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ شان مسعود جي شاندار ڪارڪردگي سندس محنت جو نتيجو آهي، مون کي يقين آهي ته هو ڪائونٽي ۾ وڌيڪ پرفارمنس ڏيندو، مان تمام گهڻو متاثر آهيان.
اڳوڻي آل رائونڊر جو چوڻ هو ته آسٽريليا جي دوري دوران ٽيسٽ اوپنر شان مسعود جي ڪارڪردگي تي سوال ڪيا پيا وڃن پر هو شاندار واپسي جي صلاحيت رکي ٿو، کيس موقعو ڏنو وڃي.
محمد حفيظ چيو ته شان مسعود محدود اوورن جي راند ۾ پنهنجي راند کي بهتر بڻايو جنهن جو تازو مثال پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) آهي.
هن چيو ته شان مسعود کي ٽيسٽ ٽيم ۾ شامل ڪيو وڃي پر آسٽريليا ۾ کيڏي ويندڙ ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2022 لاءِ کيس مڪمل طور نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.