واٽس ايپ ڪالز ڪندڙن لاءِ سولائي ڪري ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پيغام پهچائڻ واري مشهور اپيلي ڪيشن واٽس ايپ صارفين جي سهولت جي لاءِ گروپ ڪالز جي فيچر ۾ وڌيڪ سولائي ڪري ڇڏي.

هاڻوڪي اپڊيٽ موجب واٽس ايپ هاڻي 32 ماڻهن تي مشتمل گروپ ڪال جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، يعني هاڻي آن لائن ڪالز وٺڻ لاءِ استاد ۽ شاگرد واٽس ايپ تي ئي گروپ وائس ڪال ڪري سگھندا ۽ ان جو انگ 32 تائين ٿي سگھي ٿو.

ان کانسواءِ آفيس جي ميٽنگ وغيره به هاڻي واٽس ايپ تي آساني سان ٿي سگھندي.

هي فيچر واٽس ايپ جي 22.08.80 ورزن جي لاءِ دستاب هوندي.

32 ماڻهو واٽس ايب گروپ وائس ڪال ڪئين ڪري سگهندا؟

ان جي لاءِ توهان اهو گروپ چيٽ کوليو جنهن سان توهان وائس ڪرڻ چاهيو ٿا، جيڪڏهن توهان جي گروپ چيٽ ۾ 33 يا ان کان وڌيڪ ماڻهو آهن ته گروپ ڪال تي ٽيپ ڪريو.

جيڪڏهن توهان گروپ چيٽ ۾ 32 يا ان کان گھٽ ماڻهو آهن ته وائس ڪال تي ٽيپ ڪريو ۽ پنهنجي فيصلي جي تصديق ڪريو، ان کانسواءِ ان فيچر تحت رڳو گروپ ميمبر ئي شرڪت ڪري سگھندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.