سينيٽ وڊيو اسڪينڊل: گيلاني جي نااهلي درخواست رد، پٽ خلاف ڪيس جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽر يوسف رضا گيلاني جي نااهلي جي پي ٽي آءِ جي درخواست رد ڪري ڇڏي جڏهن ته سندس پٽ ايم پي اي علي حيدر گيلاني تي ڪرپٽ پريڪٽس جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

اليڪشن ڪميشن سينيٽ اليڪشن وڊيو اسڪينڊل ۾ سينيٽر يوسف رضا گيلاني ۽ سندس پٽ ايم پي اي علي حيدر گيلاني خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ يوسف رضا گيلاني ۽ ايم پي اي علي حيدر گيلاني جي نااهلي جي درخواست ڪئي.

اليڪشن ڪميشن يوسف رضا گيلاني خلاف درخواست کي رد ڪري ڇڏيو، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته ان ڪيس جون حقيقتون درست پيش ناهن ڪيون ويون، يوسف رضا گيلاني خلاف سڌي ريت ڪي شاهد ناهن، هو سينيٽر رهندو.

اليڪشن ڪميشن ڪرپٽ پريڪٽس ثابت ٿيڻ تي ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر کي سيڪشن 167،168 تحت علي حيدر گيلاني ۽ پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبر ڪيپٽن رٽائرڊ جميل ۽ فهيم خلاف فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪرپٽ پريڪٽس جي سزا ٽي سال قيد، هڪ لک ڏنڊ يا ٻئي ٿي سگھن ٿيون.

واضح رهي ته پي ٽي آءِ جي فرخ حبيب، مليڪه بخاري، ڪنول شوذب ۽ عاليه حمزا يوسف گيلاني۽ پٽ جي نااهلي جي درخواستون داخل ڪيون هيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.