وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جده پهتا، سعودي ولي عهد سان ملندا

جده (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم سهباز شريف، پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفد ۾ شامل ٻيا ماڻهو مدينا منوره کان جده پهچي ويا.

مڪه جي گورنر ۽ سعودي قومي سلامتي جي صلاحڪار وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفد جي آجيان ڪئي.

وزيراعظم شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ ٻين سعودي اختيارين سان ملاقاتون ڪندو.

سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي.

وزيراعظم مدينا منوره ۾ ترسڻ دوران ٻه ڀيرا روضه رسول صه تي حاضري ڏني، جمعي جي نماز مسجد نبوي صه ۾ ادا ڪئي، ملڪي سلامتي، ترقي ۽ سماجي خوشحالي لاءِ دعائون گهريون.

وزيراعظم اڄ دوري جي ٻئي ڏينهن مدينا منوره کان جده پهتو.

گورنر مڪه خالد بن فيصل آل سعود ۽ سعودي عرب جي قومي سلامتي جي مشير ڊاڪٽر مسعد بن محمد العيبان هوائي اڏي تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي.

دوري دوران شهباز شريف ويل عهد شهزادي محمد بن سلامن بن عبدالعزيز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان ملاقاتن ۾ اقتصادي ۽ واپاري رابطن کي وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ کانسواءِ سعودي عرب ۾ پاڪستاني افرادي قوت لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.