ڪانيڪا ڪپور، حديقا ڪياني جو مقبول گانو چوري ڪري ورتو

ڪراچي (شوبز نيوز) ڳائڻي حديقا ڪياني پنهنجي مقبول گاني بوهي باريان کي ڪاپي ڪرڻ تي ڀارتي ڳائڻي ڪانيڪا ڪپور تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس موسيقي ۽ شاعري کي سندس اجازت کانسواءِ استعمال ڪيو ويو.

حديقا ڪياني انسٽاگرام اسٽوري ۾ تازو ڪانيڪا ڪپور طرفان رليز ڪيل گاني بوهي باريان جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي ٻڌايو ته ڄاڻايل ڳائڻي کان اڳ به ڪيترن ئي ڀارتي فنڪارن سندس گيت جي ڪاپي ڪئي آهي.

ڳائڻي جو چوڻ هو ته سندس گاني بوهي باريان کي سندس اجازت کانسواءِ ۽ ڪنهن معاوضي کانسواءِ شاهه رخ خان ۽ پريٽي زنٽا جي هڪ فلم ۾ به شامل ڪيو ويو جڏهن ته گاني کي ڪيترن ئي ڀارتي فنڪارن بنا اجازت جي ڳايو.

هن لکيو ته ڪجهه ڀارتي ڳائڻن طرفان ڳايل سندس گاني کي يوٽيوب تي 20 ڪروڙ ڀيرا ڏٺو ويو آهي پر کيس ڪنهن قسم جي ڪا رائلٽي ناهي ڏني وئي ۽ نه اجازت ورتي وئي.

هن چيو ته معاملي تي احتجاج کانپوءِ ڪجهه ماڻهن کيس ڪريڊٽ ڏنو ۽ يوٽيوب تي لکيو ته هي گانو اصل ۾ حديقا ڪياني جو آهي.

هن ٻڌايو ته بوهي باريان جي شاعري سندس ماءُ لکي هئي ۽ هن کي ڪيترن ئي ڀارتي ڳائڻن چوري ڪري پيسو ڪمايو آهي.

حديقا موجب کيس ڪو مسئلو ناهي هو اهو چاهي ٿي ته سندس گيت کي ڳائڻ کان اڳ کانئس اجازت ورتي وڃي.

هن لکيو ته ڀارت طرفان هيل تائين پاڪستاني موسيقي چوري ڪرڻ جو سلسلو جيئن جو تيئن جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.