ڪراچي يونيورسٽي حملو: سلامتي ڪائونسل جو جاچ لاءِ پاڪستان ۽ چين سان سهڪار تي زور

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڪراچي يونيورسٽي ۾ هلندڙ چيني شهرين تي ٿيل آپگهاتي حملي جي مذمت ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل حملي جي جاچ دوران پاڪستان ۽ چين سان سمورن ملڪن کي سهڪار جي درخواست ڪئي آهي.

لنڊن سان واسطو رکندڙ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي موجوده صدر باربرا ووڊورڊ چيو ته سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن دهشتگردي جي مذمت ڪئي ۽ ڏوهارين، دهشتگرداڻين ڪاررواين ۾ مالي سهڪار ڪندڙن کي جوابدار قرار ڏنو ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.

گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سمورن ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته هو عالمي قانون ۽ لاڳاپيل سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تحت پنهنجين ذميوارين موجب هن سلسلي ۾ پاڪستان ۽ چين جي حڪومتن سان ٻين سمورن لاڳاپيل عملدارن سان سهڪار ڪن.

باربرا ووڊورڊ چيو ته سلامتي ڪائونسل ميمبرن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته دهشتگردي پنهنجي سمورين شڪلن ۾ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سڀ کان وڏن خطرن مان هڪ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.