ملڪ ۾ گرمي وڌي وئي، طوفان ۽ ٻوڏ جو انديشو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسم جي تبديلي واري وزارت ملڪ ۾ گرمي جي اثرن بابت نئين وارننگ جاري ڪري ڇڏي.

موسم جي تبديلي واري وزارت موجب ڪي پي ۽ گلگت بلتستان جي علائقن ۾ طوفان ۽ ٻوڏ جا امڪان آهن، گرمي پد ۾ واڌ سان گليشيئرز تيزي سان ڳري رهيا آهن.

موسم جي تبديلي واري وزارت جي پڌرائي موجب گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ۾ ڪل 3044 برفاني ننديون بڻجي چڪيون آهن، 33 برفاني ننديون گليشيئر ليڪ آئوٽ برسٽ فلڊنگ جو سبب بڻجي سگھن ٿيون.

موسم جي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان جو چوڻ آهي ته هيٽ ويو سان فصلن ۾ باهه لڳڻ جون خبرون به آيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.