مسجد نبوي صه واقعو: آصفا ڀٽو جو رد عمل سامهون اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي آصفه ڀٽو مسجد نبوي صه ۾ پيش آيل واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائٽ تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ آصفه ڀٽو زرداري مسجد نبوي صه ۾ پيش آيل واقعي کي شرم جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ پاران ڪيل حرڪت برداشت جوڳي ناهي.

هن چيو ته عمران خان جي انا پاڪستان کي اونداهي واري رستي طرف وٺي وڃي رهي آهي.

آصفه ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته بنيادي شرافت جي موت تي خوشيون ملهائيندڙن جي شرم جوڳي عمل جو سنجيدگي سان جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.