مسجد نبوي صه ۾ حڪومتي وفد سان پيش آيل واقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻن جو ڪهڙو رد عمل ڏنو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن طرفان مسجد نبوي صه ۾ حڪومتي وفد سان گذريل ڏينهن پيش آيل بدتميزي واري واقعي تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري وڊيو پوسٽ ڪري واقعي تي بيان ۾ چيو ته اڃان هاڻي هي ماڻهو حڪومت ۾ آهن، جڏهن ماڻهو هنن کي ايوانن مان ٿڏي ڪڍندا پوءِ اهي گهرن مان ڪيئن ٻاهر نڪرندا.

شهباز گل چيو ته مسجد نبوي صه ۾ شهباز شريف کي ڏسي نعرا لڳايا ويا، چور چوڻ تي مريم اورنگزيب صاحبا مرڪي ٿورا مڃيندي رهي، ڇا ته اعتماد آهي.

<

/p>

پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري چيو ته امپورٽڊ حڪومت جي ڪرمنلز کي مدينه شريف ۾ چور چور جي نعرن کي منهن ڏيڻو پيو، مان اها وڊيو ڊيليٽ ڪري ڇڏي جنهن ۾ اڻ وڻندڙ لفظ استعمال ڪيا ويا هئا.

هن چيو ته ڪرمنل گينگ جتي ويندي ان کي شرمندگي کي منهن ڏيڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.