20 لک ماڻهو گڏ ڪري شريفن جي ڪرپشن تي وائيٽ پيپر آڻينداسين: عمران خان

ملتان (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هو جلد شريف ڪٽنب جي ڪرپشن تي وائيٽ پيپر آڻي رهيو آهي.

ملتان ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ۾ عمران خان چيو ته مون کي اوهان کي اسلام آباد جو سڏ ڏيڻو آهي، مير جعفر ۽ مير صادق سان گڏجي چورن جو ٽولو مڙهيو ويو.

هن چيو ته پاڪستان ۾ حقيقي آزادي جي جدوجهد لاءِ ٻار ٻار کي تيار ڪرڻو آهي ۽ ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائڻي آهي.

عمران خان جو چوڻ هو ته شهباز شريف تي اربين رپين جي ڪرپشن جا ڪيسز آهن، هي پنهنجا پيسا بچائڻ لاءِ ملڪي مفاد کي قربان ڪري ڇڏيندو، جنهن جو پيسو ملڪ مان ٻاهر هجي ڪڏهن به سامراج خلاف آواز بلند نه ڪندو.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته جلد شريفن جي ڪرپشن تي وائيٽ پيپر آڻينداسين، ماڻهن کي بڌائڻو آهي ته ٻاهرين سامراج ڪنهن قسم جي ماڻهن کي اسان تي مڙهيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته جلد ويهه لک ماڻهن کي اسلام آباد ۾ گڏ ڪرڻ جو سڏ ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.