ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو اهو پاڪستاني مسلمانن جا جذبات هئا: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ڪالهه جيڪو ڪجهه روضه رسول صه تي ٿيو اهو پاڪستاني مسلمانن جا جذبات هئا.

شيخ رشيد چيو ته هي سڀ پانڌيئڙا هئا جيڪي روضه رسول صه تي حاضري لاءِ ويا هئا، زائرين حاضري دوران چورن خلاف پنهنجي جذبات جو اظهار ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهيا، هنن عمره زائرين جو انگ سون ۾ نه هزارن ۾ هو.

شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جتي ويندو، پاڪستانين جي نفرت کي منهن ڏيڻو پوندو، پاڪستانين کي موجوده حڪمرانن کان نفرت آهي، دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ موجوده حڪمران امپورٽڊ، سليڪٽڊ ۽ چور آهن.

هن چيو ته موجوده حڪمران پاڪستانين لاءِ نفرت جو نشان بڻجي چڪا اهن. ماڻهو هنن حڪمرانن جي شڪل نٿو ڏسڻ چاهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.