مسجد نبوي صه ۾ نعرا هڻڻ تي ڪيترائي پاڪستاني گرفتار

مدينا (ويب ديسڪ) سعودي حڪومت مسجد نبوي ۾ نعريبازي تي ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي پاڪستاني شهرين کي گرفتار  ڪري ورتو آهي.

سعودي سفارت خاني جي ميڊيا ڊائريڪٽر تصديق ڪئي آهي ته مسجد نبوي صه ۾ پيش آيل واقي ۾ ڪجهه پاڪستانين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ۾ سعودي سفارت خاني جو مدينه منوره جي مسجد نبوي صه ۾ نعريبازي ۽ حڪومتي ڪارروائي تي رد عمل سامهون اچي ويو آهي.

پاڪستان ۾ سعودي سفارتخاني جي ميڊيا ڊائريڪٽر طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڪجهه ماڻهن کي قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ مقدس ماڳن جي توهين جي سلسلي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.