سجاول جوڻيجو لڳ زمين جي مالڪي تان سئوٽ هٿان سئوٽ قتل

ميرو خان (ن ع آ) سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٽلڻ ڪورڪاڻي ۾ زمين جي مالڪي تان سئوٽ هٿان سئوٽ مبينا طور تي قتل ٿي ويو. 45 سالن جي نعمت الله ڪورڪاڻي کي پنهنجي سئوٽ نور مصطفيٰ ڪورڪاڻي گوليون هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويو.وارث زخمي کي لاڙڪاڻو اسپتال کڻائي ويا جتي نوجوان زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.