چيف سيڪريٽري سنڌ لفٽ ۾ ڦاسي پيو، 3 انجنيئر فارغ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جو چيف سيڪريٽري گذريل ڏينهن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ لفٽ ذريعي پهرين فلور کان گرائونڊ فلور تي اچي رهيو هو ته  اوچتو لفٽ بند ٿي وئي . لفٽ ۾ فني خرابي سبب چيف سيڪريٽري لفٽ ۾ ئي ڪجهه منٽن تائين ڦاٿل رهيو. ٽيڪنيڪل عملي ۽ لاڳاپيل آفيسرن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو.لفٽ خراب هئڻ جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي لاڳاپيل عملي کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد ٽن انجنيئرن کي عهدن تان هٽايو ويو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.