گم ڪيل ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڪراچي ۾ احتجاجي ڪئمپ قائم

ڪراچي (رپورٽر) وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ ۽ سنڌ سجاڳي فورم پاران ڪراچي پريس ڪلب آڏو، سنڌ مان کنڀي گم ڪيل ۽ گرفتار ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ احتجاج ڪيو ويو. سنڌ جي قومي دانشور تاج جويي، وائيس فار مسنگ پرسنس آف سڌ جي ڪنوينر سورٺ لوھار،  سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي اڳواڻ سارنگ جويي، سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي فنانس سيڪريٽري سھڻي جويو، کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن ايوب ڪانڌڙي جي ڌيءَ مارئي ڪانڌڙو، انصاف دايي جي ڀيڻ اقصيٰ دايو، مرتضيٰ جوڻيجو جي امڙ شھزادي، ڌيءُ پارس ۽ فرمان سومري جي زال سورٺ عرف فردوس سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ڪئمپ لڳائي وئي. ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمين خالق جوڻيجو، جسقم آريسر جو مرڪزي اڳواڻ اشرف بھليم، جسقم آريسر جو مرڪزي اڳواڻ غازي جکراڻي، ايڇ آر سي پي اڳواڻ بدر سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود ھُئا. اڳواڻن ۽ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي وارثن ڳالھائيندي چيو  ته جبري گمشدگيون انساني حقن جي سنگين لتاڙ، عالمي انساني حقن جي پڌرنامي جي سنگين ڀڃڪڙي ۽ ھن رياست جي آئين جي آرٽيڪل 6، 9 ۽ 10 جي پڻ سنگين ڀڃڪڙي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.