ڪراچي ۾ مبينا مقابلا، هڪ ڦورو مارجي ويو، 3 هاف فراءِ

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس هڪ مبينا ڦورو کي فل فراءِ ۽ ٽن ڄڻن کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو.پوليس موجب  سائيٽ ايريا ٽيليفون ايڪسچينج  لعل مسجد لڳ  پوليس سان مقابلي دوران ھڪ ڦور مارجي ويو، سندس ساٿي فرار ٿي ويا. پوليس موجب مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ اورنگزيب پٽ بنارس خان جي نالي سان ٿي. هوڏانهن سرجاڻي ۾ پوليس مقابلي ۾ ھڪ ڦورو نظير محمد پٽ لشڪر خان کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان پستول ۽ موٽر سائيڪل ھٿ ڪري ورتي.پريڊي ٿاڻي جي پوليس موٽر سائيڪل چوريءَ جي وارداتن ۾ملوث جوابدار فهد علي کي سڳ سوڌو گرفتار ڪري ورتو آهي. برگيڊ ٿاڻي جي پوليس بس اڏي تان 35 هزار رپيا ڦر ڪري فرار ٿيندڙ ٻن جوابدارن کي مقابلي کان پوءِ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار جوابدارن وقاص ۽ وليد جي قبضي مان ٻه لوڊ پستول هڪ زيرو ميٽر موٽر سائيڪل ۽ ڦر ڪيل رقم هٿ ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.