سڪرنڊ )رپورٽ: لطيف جمالي) سڪرنڊ ويجهو ماڙي جلباڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ نقر لاکو ۾ فصل جي ڀيل تان لاکا ۽ ڪيريا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ ۾چئن ٻارن جو پيءُ 30 سالن جو اسلم پٽ قائم لاکو موقعي تي مارجي ويو جڏهن ته ميان بخش عرف بخشو لاکو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي نازڪ حالت ۾ نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو.مارجي ويل جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.