ليلته القدر: مسجدون چراغان، ذڪر الاهي جو ورد

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) پاڪستان ۾ ليلته القدر عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي.سنڌ جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۽  ڳوٺن ۾ تراويح نماز ۾ختم قرآن ۽ جلسا منعقد ڪيا ويا.ڪراچي، حيدرآباد،سکر، ميرپورخاص، نواب شاهه، لاڙڪاڻو، قمبر، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور، گهوٽڪي، خيرپور، نوشهرو فيروز، دادو، ڄامشورو، مٽياري، سانگهڙ، عمرڪوٽ، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽو  ۽ ٻين ضلعن ۾ ليلته القدر جي ميڙاڪن ۾ عالمن شب قدر جا فضائل بيان ڪيا.مسجدن کي چراغان ڪيو ويو، جتي سڄي رات صلوات تسبيح ۽ خاص عبادتون توڙي ذڪر الاهي جو ورد ورجايو ويو.ان موقعي تي سڄي دنيا جي مسلمانن، پاڪستان جي سلامتي، ترقي ۽ امن امان لاءِ خاص دعائون گهريون ويون.

  • شهباز ۽ زرداريءَ جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ وارو نوٽيفڪيشن چئلينج

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شهباز شريف، آصف زرداري، وفاقي ۽ صوبائي شخصيتن سوڌو 2 سئو کان وڌيڪ  ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ واري نوٽيفڪيشن کي چئلينج ڪيو ويو آهي. درخواست شهري محمود اختر نقوي پاران داخل ڪرائي وئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس آغا فيصل تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. جسٽس اقبال ڪلهوڙو چيو ته جائزو وٺڻ بعد مناسب حڪم جاري ڪنداسين.درخواست گذار چيو ته شهباز شريف سميت هاءِ پروفائل جوابدارن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍيا ويا آهن. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت جي پاليسي هوندي تڏهن ته نالا اي سي ايل مان ڪڍيا ويا. محمود اختر نقوي چيو ته حڪومت جي اهڙي پاليسي ٿي ئي نه ٿي سگهي.جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو پڇاڻو ڪيو ته شهباز شريف ۽ ٻين جا نالا اي سي ايل ۾ ڪنهن شامل ڪيا هئا؟. درخواست گذار چيو ته نيب ۽ ايف آءِ اي جي سفارش تي وفاقي حڪومت هنن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا هئا. عدالت رمارڪس ڏنا ته حڪومت نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا هئا، هاڻي حڪومت ئي نالا ڪڍي ڇڏيا.درخواست گذار چيو ته جن جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا ويا هئا، انهن تي سنگين الزام آهن، اهي قومي ناڻي کي لٽي پئسا ٻاهرين ملڪ کڻي ويا، درخواست گذار چيو ته شاهد خاقان عباسي، مريم نواز، مفتاح اسماعيل سوڌو ٻين جا نالا اي سي ايل ۾ شامل هئا، عدالت هنن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت جي اجازت جي بغير ڪنهن جا به نالا اي سي ايل مان نه ٿا ڪڍي سگهجن.

  • ٻار اغوا ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي بريت واري درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي  عدالت ايف بي ايريا جي علائقي بفر زون ۾ هڪ نجي ميڊيڪل سينٽر مان تازي ڄاول ٻار جي اغوا ڪيس  ۾ گهربل جوابدارن وقاص ۽ شهرينه جي بريت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.عدالت جوابدار بشريٰ جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

  • لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ڪيس:حڪومت کي جواب جمع ڪرڻ لاءِ آخري مهلت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جي مڪاني نظام کي بااختيار ٺاهڻ واري ڪيس  جي ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ ايدووڪيٽ جنرل سنڌ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ ٻيهر مهلت گهري ورتي. عدالت ۾ جواب جمع نه ڪرائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جسٽس ڪي ڪي آغا رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت دير ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهي آهي،گذريل ٻڌڻي تي به لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري وئي هئي.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 25 مئي تائين ملتوي ڪندي چيو ته جيڪڏهن  ايندڙ ٻڌڻي تي جواب نه آيو ته ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويندو.

  • انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 42 پئسن جي واڌ سان 185 رپيا 87 پئسا ٿي ويو

ڪراچي (م ڊ) انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ واڌ جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو.انٽري بئنڪ ۾ ڊالر 42 پئسا وڌي ويو، ڪاروبار ختم ٿيڻ تي آمريڪي ڊالر 185 رپيا 87 پئسا ٿي  ويو.اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 50 پئسا واڌ سان 187 رپيا رهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.