مشن مڪمل : بشريٰ بي بي پراڻي گهر پهچي وئي

لاهور (عوامي آواز نيوز)  پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گهر واري بشريٰ  بي بي بني گالا مان هلي وئي آهي، سوشل ميڊيا تي اطلاع  هلي رهيا آهن ته بشريٰ  بي بي لاهور ۾ آهي،  نامياري صحافي ظفر نقوي پنهنجي ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته بشريٰ  بي بي ڪنهن مشن تحت بني  گالا آئي هئي ۽ عمران خان سان شادي ڪئي هئي ۽ مشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ  هوءَ اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا وٽ هلي وئي آهي، اهي به اطلاع آهن ته ڪنهن اهم شخصيت جي گهر واري عدالت ۾ خلع لاءِ  درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. صحافي ظفر نقوي جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ  پي ٽي آءِ جا جنگجو ڌمڪيون ڏئي  رهيا آهن پر اسٽوري سچي آهي جنهن جا وڌيڪ تفصيل ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾منظر عام تي آڻيندس.

  • گهرواري ” فيڪ نيوز“ جو نشانو پئي بڻجي: اڳوڻو وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ) سي پي اين اي جي وفد پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي ، ان موقعي تي ٻه طرفن معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، عمران خان فيڪ نيوز کي وڏو مسئلو قرار ڏنو ۽ چيو ته تحريڪ انصاف آزاد ۽ ذميوار ميڊيا جي واڌ ويجهه جي مڪمل حوصلا افزائي ڪري ٿي، سي پي اين اي صدر ڪاظم خان چيو ته ميڊيا تي الزام مڙهڻ بدران پنهنجي غلطين جي اصلاح ضروري آهي، ان موقعي تي ٻاهرين سازش جي نتيجي ۾ ملڪي سياست ۾ مداخلت ۽ حڪومت جي تبديلي تي به ڳالهيون ڪيون ويون، عمران خان چيو ته کيس ۽ سندس گهرواري کي خاص طور تي “ فيڪ نيوز“ جو نشانو بڻايو پيو وڃي، افواهه سازي ۽ فيڪ نيوز جي تدارڪ ۾ اهم ڪردار اهل صحافت کي حاصل آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.