پيٽروليم اسمن جي اگهن ۾ واڌ جي سمري ٻيهر رد

اسلام آباد(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم مصنوعات جي  قيمتن ۾ اضافي جي سمري رد ڪري ڇڏي آهي. خميس ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته گذريل حڪومت جي بدترين نالائقي، نااهلي ۽ فاش غلطين جي سزا عوام کي نٿا ڏئي سگهون. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون وڌائڻ جا سخت شرط قرض حاصل ڪرڻ جي عيوض عمران خان جي اڳوڻي حڪومت طئي ڪيا هُئا، هن چيو ته مهانگائي جي ستايل ۽ لاچار عوام تي وڌيڪ بار نه وجهڻ جي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.