اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزير قانون سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، عمران خان کي 6 مهينا قيد، ڏنڊ ۽ نااهلي جي سزا ڏئي سگهجي ٿي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته عمران خان خلاف اليڪشن ڪيمشن توهين عدالت الزام ۾ ڪارروائي ڪري سگهي ٿي، عمران خان کي ٽيپ ملي سگهي ٿي.