عمران خان، صدر علوي، گورنر پنجاب ۽ قاسم سوري خلاف سنگين غداري ڪيس جي تياري

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي تحريڪ انصاف حڪومت جي اهم شخصيتن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ريفرنس جي تياري شروع ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب حڪومت طرفان مبينا طور آئين ٽوڙڻ تي ريفرنس جي تياري لاءِ قانوني ماهرن سان مشاورت ڪئي پئي وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي پي ٽي آءِ حڪومت جي اهم شخصيتن خلاف آرٽيڪل 6 تحت ريفرنس تيار ڪيو  پيو وڃي، ريفرنس لاءِ گهرو ۽ قانون واري وزارت ۾ تياري شروع ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب صدر عارف علوي، اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، قاسم سوري، عمر سرفراز چيما خلاف ريفرنس لاءِ مواد گڏ ڪيو پيو وڃي،آئين ٽوڙڻ بابت بيان ۽ اسيمبلين جو رڪارڊ حاصل ڪرڻ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، گورنر پنجاب خلاف به ريفرنس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، تجويز ڪيل ريفرنس مطابق گورنر پنجاب پنجاب اسيمبلي ۾ آئيني عمل کي سبوتاز ڪري آئين ٽوڙيو، جڏهن ته صدر عارف علوي ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري عمران خان جي چرچ تي آئين قربان ڪيو، حڪومتي ذريعن مطابق قومي اسيمبلي ۾ بي اعتمادي رٿ جي عمل ۾ واضح آئين ٽوڙيو ويو، عدالتن جي آئين تي عملدرآمد ڪرڻ جي واضح حڪمن جي توهين جو به ڏوهه ڪيو ويو، واضح رهي ته ڊپٽي اسپيڪر پاران بي اعتمادي رٿ کي رد ڪرڻ ۽ عمران خان پاران صدر مملڪت کي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز موڪلڻ تي قومي اسيمبلي ۾ ان وقت جي مخالف ڌر اڳواڻ ۽ موجوده وزيراعظم شهبازشريف ميڊيا سان ڳالهين ۾ چيو هو ته اسپيڪر ۽ عمران خان تي آرٽيڪل 6 لڳندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.