پي ٽي آءِ حڪومت اسٽيبلشمينٽ سان خراب لاڳاپن سبب وئي: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جي خاتمي جو سبب اسٽيبلشمينٽ سان خراب  لاڳاپا هئا، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته عمران خان جو زوال هن جي پنهنجي حرڪتن جي ڪري ٿيو آهي، فواد چوڌري درست چيو آهي ته هن جي حڪومت اسٽيبلشمينٽ سان خراب لاڳاپن سبب وئي آهي، هن چيو ته فواد چوڌري ان بيان ذريعي اسٽيبلشمينٽ تي الزام هڻي رهيو آهي ته انهن تقريبن چئن سالن تائين هڪ سياسي حڪومت جي پٺڀرائي ڪئي، هن چيو ته وزيراعظم شهبازشريف ميرٽ تي نئين آرمي چيف جي مقرري ڪندو ۽ ڪا به شئي وزيراعظم کي ان کان نٿي روڪي سگهي، آرمي چيف جي مقرري نومبر ۾ ٿيڻي آهي، هن چيو ته عمران خان جي دور ۾ هن جي خاندان جي ويجهي هڪ عورت اربين رپيا ٺاهيا آهن ۽ هڪ جعلي يونيورسٽي جي نالي تي ڪروڙين رپيا بڻائي ڇڏيا آهن ۽ اڄ اها مفرور آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.