ايراني پرڏيهي وزير جو بلاول ڀٽو زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو

اسلام آباد(م ڊ) ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس پرڏيهي  وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايراني هم منصب سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، هوڏانهن  بلاول ڀٽو زرداري کي ڪويت جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر شيخ احمد ناصر الحمد الصباح ٽيليفون ڪئي ۽ پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزارت پاران خميس ڏينهن جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ڪويت جي ٻطرفي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت جا ڀائراڻا لاڳاپا مثالي آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.