سمورن صوبن کي هيٽ ويو جو الرٽ جاري

اسلام آباد(م ڊ) ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي وزارت سمورن صوبن کي هيٽ ويو  جو باضابطه الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي، گرمي جي شديد لهر جي ڪري ماڻهن جي صحت توڙي زراعت کي به خطرا درپيش ايندا، ماڻهن کي درخواست آهي ته سخت گرمي کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪن. خميس ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته دنيا سميت ڏکڻ ايشيا کي هن سال شديد گرمي جي لهر درپيش آهي، پاڪستان ۽ ڀارت جي سرحدي علائقن ۾ گرمي پد 49 کان 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو خدشو آهي. شيري رحمان چيو ته وقت کان اڳ گرمي جي شديد لهر ۾ اضافو ماحولياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي علامت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ مارچ کان غير متوقع گرمي جي شديد لهر درپيش آهي. هن سال پاڪستان ۾ گرمي پد ۾ معمول کان 6 کان 8 ڊگري سينٽي گريڊ اضافي جو امڪان آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.