عمران خان جو نالو توشا خانه رکي ڇڏيو آهي: خورشيد شاهه

سکر(رپورٽر) آبي وسيلن جي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته جيڪو شخص چوندو هو ته آخري بال تائين کيڏندس،  هاڻي  چوي ٿو ته اليڪشن ڪرايو، پاڻي جي کوٽ سڄي ملڪ ۾ آهي، انڊيا ۽ ڪابل ۾ به پاڻي جي کوٽ آهي. ارسا سان ڳالهايو آهي، پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. اهڙيون ڳالهيون هن سکر بئراج جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيون. وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته سکر بئراج وٽ اڄ 29 هزار ڪيوسڪ پاڻي گذري رهيو آهي. ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ پاڻي جو وهڪرو 40 هزار ڪيوسڪ تائين پهچي ويندو. گڊو بئراج وٽ گذريل سال اڄوڪي ڏينهن تي 50 هزار ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو رڪارڊ ڪيو ويو هو. اڄ 34 هزار ڪيوسڪ پاڻي وهي رهيو آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڻي جو مسئلو تربيلا ڊيم سبب سان نه پر گذريل حڪومت جي غلط رٿا بندي سبب ٿيو آهي. ماضي ۾ پي ٽي آءِ حڪومت جي تباهه ڪارين جو مثال نٿو ملي، عمران خان چئي رهيو آهي ته مجهي ڪيو نڪالا، توهان سڀني کي گذريل 4 سالن دوران هن جي ناڪارا ڪارڪردگي ڏسڻ گھرجي. سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته هاڻي پاڪستاني قوم عمران خان جو نالو توشه خان رکي ڇڏيو آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري تي مرسڊيز ڪيس عمران خان ئي ٺاهيو هو، هاڻي عمران خان چئي رهيو آهي ته منهنجو تحفو منهنجي مرضي، چائنا اسان جو دوست ملڪ آهي، چائنا سان معاملا خراب ڪرڻ نٿا چاهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.