نوشين ڪاظمي ڪيس جي جڊيشل انڪوائري ۾ ماٺار

لاڙڪاڻو (ڊ ر) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل روم مان شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جو  لاش هٿ اچڻ واري واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪالهه ڇهين ايڊيشنل اينڊ سيشن جج سهيل پرويز  قريشي جي عدالت ۾ ٿي، جتي يونيورسٽي، ڪاليج، پوليس توڙي لاڳاپيل ڪو به عملدار يا عملو پيش نه ٿيو ۽ نه ئي ڪنهن جو بيان قلم بند ٿي سگهيو، جنهن سبب جڊيشل انڪوائري 10 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي. هوڏانهن بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميا ۽ لاڙڪاڻو پوليس ۾ اڍائي مهينن کان هلندڙ تڪرار سبب هاسٽل ايندڙ ويندڙ 61 مردن جا سيمپل نه ٿي سگهيا آهن ۽ نه ئي نوشين ڪاظمي جي ڊي اين اي رپورٽ پڌري ٿي سگهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.