اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي فنڊن جي منتقلي ۾ 30.13 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد(م ڊ) اين ايف سي ايوارڊ تحت وفاق طرفان صوبن کي فنڊن جي منتقلي ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين 3 ٽه ماهين ۾ گذريل مالي  سال جي انهي عرصي جي ڀيٽ ۾ 30.13 سيڪڙو جي اوسر رڪارڊ ڪئي وئي. ناڻي وزارت طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جولاءِ کان وٺي مارچ 2022ع تائين جي عرصي ۾ اين ايف سي ايوارڊ تحت وفاق طرفان صوبن کي 25.84 کرب رپيا منتقل ڪيا ويا جيڪي گذريل مالي سال جي انهي عرصي جي مقابلي ۾ 30.13  سيڪڙو وڌيڪ آهن. گذريل مالي سال جي انهي عرصي ۾ اين ايف سي ايوارڊ تحت وفاق طرفان صوببن کي 19.85 کرب رپيا منتقل ڪيا ويا هئا. انگن اکرن مطابق هلندڙ مالي سال ۾ اين ايف سي تحت پنجاب کي 12.74 کرب رپيا، سنڌ کي 6.45 کرب رپيا، خيبر پختونخواه کي 4.25 کرب رپيا ۽ بلوچستان کي 2.38 کرب رپيا منتقل ڪيا ويا. گذريل مالي سال جي انهي عرصي ۾ اين ايف سي ايوارڊ تحت وفاق طرفان پنجاب کي 9.73 کرب رپيا، سنڌ کي 4.93 کرب رپيا، خيبر پختونخواه کي 3.19 کرب رپيا ۽ بلوچستان کي اين ايف سي ايوارڊ تحت 1.98 کرب رپين جا فنڊ منتقل ڪيا ويا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.