قائداعظم کانپوءِ عمران خان بهترين ليڊر آهي: مولانا طارق جميل

اسلام آباد(م ڊ) ناليواري ديني عالم مولانا طارق جميل چيو آهي ته قائداعظم کانپوءِ اسان کي عمران خان جهڙو بهترين ليڊر مليو آهي، پاڪستان جي قانون کي ايترو نٿو ڄاڻان، پر جيڪو ٿورو گهڻو ڄاڻان ٿو ان ۾ جيڪي ٻار  والدين جي اجازت کانسواءِ گهر ڇڏي وڃن ٿا اهي والدين جي بددعا جا مستحق ٿي وڃن ٿا، اها ناداني جي ڳالهه آهي، ڪوايجوڪيشن اسان جي تهذيب کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، اسان نڪاح جي طريقي سان پنهنجي نياڻي کي گهران رخصت ڪريون ٿا، هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ پئسو ئي سڀ ڪجهه بڻجي ويو آهي، پوري قوم حقيقي آزادي جي دعا ۾ شريڪ ٿئي، هن چيو ته اسان جي معاشري ۾ بگاڙ پيدا ٿي ويو آهي، اسان غلام آهيون، غلامي ۾ جي رهيا آهيون، عمران خان کي سياسي اڳواڻن جا نالا بگاڙڻ تي سمجهائيندو آهيان، عمران خان پٺاڻ آهي، ڪاوڙ ڪندو آهي، اڄ به وڃي کيس سمجهائيندس

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.