بلوچ شاگردن جي نسلي پروفائلنگ ختم ڪرڻ جو حڪم، نظراندازيءَ سان نقصان ٿيندو

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته بلوچ شاگردن سان  نسلي پروفائلنگ جو عمل ختم ڪرڻ جي ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي.چيف جسٽس اطهر من الله انساني حقن جي علمبردار ۽ وڪيل ايمان زيب حاضر طرفان بلوچ شاگردن کي هراسان ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻيءَ  دوران هدايت جاري ڪئي.ياد رهي ته بلوچ شاگردن طرفان پنهنجي ساٿي حفيظ بلوچ جي گمشدگي  تي گذريل مهيني کان اسلام آباد ۾ احتجاج ڪيو پيو وڃي.گذريل ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله صدر عارف علوي کي چيو هو ته بلوچ شاگردن جي نسلي پروفائلنگ جو تاثر ختم ڪريو.ڪالهوڪي ٻڌڻيءَ دوران وڪيل ايمان زيب حاضر عدالت کي ٻڌايو ته صدر عارف علوي شاگردن کي خاطري ڪرائي هئي، ان جي باوجود اسلام آباد  نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لئنگوجز جي شاگرد بيبگر امداد کي گذريل ڏينهن پنجاب يونيورسٽي مان کنڀيو ويو آهي.هن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر دلدار بلوچ نالي هڪ ٻي شاگرد کي ڪراچي مان کنڀيو ويو.وڪيل چيو ته ايئن لڳي ٿو ته حڪومت بلوچ شاگردن بابت معاملن کي سنجيده نه وٺي رهي آهي، هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي مڙني يونيورسٽين کي نوٽيس جاري ڪرڻ گهرجي ته بلوچ شاگردن کي هراسان نه ڪرڻ گهرجي.ايمان زيب حاضر عدالت کي ٻڌايو ته صدر سان بلوچ شاگردن جون ٻه ملاقاتون ٿيون.جسٽس اطهر من الله پڇيو ته صدر عارف علوي ڇا چيو؟، هي حقيقي مسئلا آهن، حڪومت هن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.چيف جسٽس وڌيڪ پچيو ته هن معاملي جو ذميوار ڪير آهي؟ جنهن تي ايمان زيب حاضر جو چوڻ هو ته چيف ايگزيڪٽو ۽ لاڳاپيل ادارا ذميوار آهن.چيف جسٽس ڳالهه ورجائيندي چيو ته مسئلو حقيقي آهي پر سياسي اڳواڻ ان کي نظرانداز ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن نسلي پروفائلنگ  جا ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن ته انساني حقن واري وزارت  کي گهرجي ته ان کي روڪي، اهو نه چئي ته رياست ڪمزور آهي.هن پڇيو ته انساني حقن واري وزارت ڇا لاءِ آهي؟، اڳوڻي حڪومت ۾ ڪجهه نه ٿيو، هن حڪومت معاملي تي ڪجهه ڪيو.هن جو چوڻ هو ته اهو نه چئو ته هتي امن امان جي صورتحال برقرار آهي، شاگرد هن کان ڇو متاثر ٿي رهيا آهن.؟جسٽس اطهر من الله سياسي جماعتن جي بيان جو ذڪر ڪندي چيو ته جڏهن  هو اقتدار ۾ اچن ٿا ته سندن بيان مختلف هوندو آهي، اهي سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندا آهن.ان موقعي تي ڊپٽي اٽارني جنرل سيد محمد طيب شاهه نئين حڪومت جي هدايت حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت کان مهلت طلب ڪري ورتي.جسٽس اطهر من الله چيو ته اوهان حڪومت کي لکي سگهو ٿا ته رياست ڪمزور آهي ۽ ان کان پڇو ته هو ڪهڙي نموني انساني حقن جي ڀڃڪڙي کي برداشت ڪري سگهي ٿي، هي وفاقي حڪومت جو ڪم آهي، هي انساني حقن واري وزارت جو ڪم آهي.هن چيو ته شاگرد اسان جو مستقبل آهن، ڇا عدالت کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي اکيون بند ڪرڻ گهرجن، ڇا ڪابينا  کي خبر ناهي ته ملڪ ۾ڇا ٿي رهيو آهي، ڇا جيڪي هن وقت ڪابينا ۾ آهن، اهي اڳ وٽن نه ويندا هئا.هن چيو ته جمهوريت ۾ اها سياسي اڳواڻن جي ذميواري آهي ته حل تلاش ڪن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بلوچ شاگردن جي نسلي پروفائلنگ ۽ هراسان ڪرڻ جون شڪايتون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته گهرو سيڪريٽري مڪينزم ٺاهي ته جيئن بلوچ شاگردن سان  جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان کي روڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.