رياستي ادارن خلاف مهم بند ڪيو، ثاقب نثار جو عمران کي پيغام

لاهور (عوامي آواز نيوز) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ رٽائرڊ چيف جسٽس ثاقب نثار جي ملاقات ۾ٿيل ڳالهين بابت انڪشاف ٿيو آهي ته ثاقب نثار عمران خان جي دعوت تي نه پر انتهائي اهم شخصيتن جو پيغام کڻي عمران خان وٽ پهتو هو، نامياري صحافي گوهر بٽ پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته ثاقب نثار انتهائي مهذب انداز ۾ عمران خان کي چيو ته اوهان وزيراعظم رهيا آهيو، اوهان کي عدليا  اليڪشن ڪميشن ۽ رياستي ادارن بابت سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي اوهان جي پارٽي  جنهن انداز سان رياستي ادارن جي  سربراهن ۽ عدليا خلاف مهم شروع ڪئي آهي اها بند ٿيڻ گهرجي، اوهان کي عقلمندي کان ڪم وٺن گهرجي ان دوران عمران خان فرمائش ڪئي ته سمورا جج اوهان  جا جونيئر آهن انهن کان رليف ڏياريو، جنهن تي به رٽائرڊ چيف جسٽس کيس چيو ته پهرين اوهان مهم ته بند ڪيو پوءِ ڪوشش ڪئي ويندي، ان ملاقات کانپوءِ عمران خان ٻن اهم شخصيتن جا نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيا، صحافي ظفر نقوي موجب عمران خان اها به بابا رحمتي کي آڇ ڪئي ته کيس پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ اهم آئيني عهدي تي مقرر ڪيو ويندو، گوهر بٽ موجب  جيڪڏهن عمران خان پيغام بعد به قبلو درست نه ڪيو ته پوءِ پيغام ڏيندڙن قبلو درست به ڪرڻ ايندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.