اليڪشن ڪميشن عمران خان جي بيانن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بيانن جو نوٽيس ورتو آهي.اليڪشن ڪميشن  نوٽيس وٺندي پيمرا کان عمران خان جي پشاور ۾ ٿيندڙ ورڪرز ڪنوينشن جي خطاب جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي.ان کانسواءِ اليڪشن ڪميشن سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ، خرم شير زمان ۽ سينيٽر اعجاز چوڌري جي بيانن جو رڪارڊ به گهرايو آهي.واضح رهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا تي مسلسل جانبداري جو الزام هڻي سندس استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيو آهي.گذريل ڏينهن ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ۾ عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر کي ن ليگ جو ايجنٽ به قرار ڏنو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.