نيب پاران غيرقانوني اثاثا بڻائڻ ۽ مني لانڊرنگ الزامن تي فرح خان خلاف جاچ شروع

اسلام آباد (م ڊ) نيب اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي دوست فرح خان عرف گوگي بابت  انڪوائري شروع ڪري ڇڏي.نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب انڪوائري اڻڄاتل آمدني ذريعن ۽ مني لانڊرنگ جي الزامن تي ڪئي ويندي، ڊي جي نيب لاهور کي قانون موجب ڪارروائي جو حڪم ڏنو ويو آهي.پڌرائيءَ موجب فرح خان تي ڪاروبار جي نالي تي گهڻا بئنڪ اڪائونٽ رکڻ جو به الزام آهي، فرح خان جي اڪائونٽ ۾ گذريل ٽن سالن ۾ 847 ملين رپيا مليا آهن.نيب جو چوڻ آهي ته ايتري رقم فرح خان جي پروفائل موجب ناهي، اها رقم فرح خان جي ذاتي اڪائونٽ ۾ وڌي وئي ۽ فوري طور ڪڍي وئي، ميڊيا رپورٽن ۾ فرح خان تي غير قانوني ذريعن سان اثاثا ٺاهڻ جا الزام هنيا ويا هئا.نيب پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته فرح خان جي انڪم ٽيڪس ريٽرنز ۾ ان جا اثاثا 2018 کان غير معمولي طور وڌيا، ان ئي دوران فرح 9 ڀيرا آمريڪا ۽ 6 ڀيرا دبئي به وئي.واضح رهي ته سال 2018 ۾ ئي عمران خان اقتدار ۾ آيو هو ۽ ان ئي سال عثمان بوزدار وڏي وزير جو عهدو سنڀاليو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته عثمان بوزدار جي مقرري ۾ فرح خان جو اهم ڪردار هو.ياد رهي بشريٰ بي بي جي دوست فرح خان هلندڙ مهيني جي منڍ ۾ دبئي رواني ٿي هئي.

  • ڪجهه به ناهي لڪايو، نيب آڏو پيش ٿينديس:فرح خان

دبئي(م ڊ) نيب پاران جاچ شروع ٿيڻ تي فرح خان جو ردعمل به اچي ويو، هن چيو ته ڪجه لڪايو آهي نه جاچ کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي  آهي، مان نيب انڪوائري ٽيم آڏو ذاتي حيثيت ۽ ليگل ٽيم ذريعي پيش ٿينديس، هن چيو ته اسان لڪنداسين نه، نه ئي جاچ کان بچنداسين، هوڏانهن هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون تي اينڪر عمران رياض جي سالي هئڻ جو الزام لڳائي منهنجي توهين نه ڪريو، انهن جهڙن ننڍي ليول جي چورن سان ته مان پنهنجي مينهن جو گوبر صاف ڪرائيندي آهيان، هن چيو ته مون تي ڪرپشن الزامن تي افسوس ناهي، ڏک ان ڳالهه جو آهي ته فواد چوڌري مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو جيڪو ڪجهه پئسن لاءِ مون آڏو بيٺل هوندو هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.