ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت قتل جي ڌمڪي ۽ گهر ۾داخل ٿيڻ واري ڪيس ۾ محمد جمال ۽ ايان افضل سميت ٽن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. ضمانت رد ٿيڻ تي جوابدار پوليس جي موجودگيءَ ۾عدالت مان فرار ٿي ويا. درخواست گذار جي وڪيل چيو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو، هنن قتل جي ڌمڪي ڏني آهي.