وياج غيرشرعي قرار، 2027ع تائين معاشي نظام وياج کان پاڪ ڪيو وڃي: وفاقي شرعي عدالت

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي شرعي عدالت وياجي نظام کان پاڪ بينڪاري نظام قائم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي قرار ڏنو آهي ته اهي سمورا قانون جن ۾ وياج جو لفظ استعمال ٿيو  آهي، اسلامي شريعت جي ابتڙ قرار ڏنا وڃن ٿا، معاشي نظام مان وياج جو خاتمو شرعي ۽ قانوني ذميداري آهي، انٽريسٽ مان مطلب ربا آهي، قرش سميت ڪنهن به صورتحال ۾ ورتل وياج ربا ۾ اچي ٿو، حڪومت طرفان اندروني يا ٻاهرين قرضن تي وياج ڏيڻ ربا ۾ اچي ٿو، ويسٽ پاڪستان مني لانڊر ايڪٽ شريعت جي خلاف آهي، انٽريسٽ ايڪٽ 1839 بي مڪمل طور تي شريعت جي خلاف آهي، وياج لاءِ سهولتڪاري ڪندڙ سمورا قانون ۽ شقون غير شرعي آهن، پنجن ورهين جي اندر شريعت ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪيو وڃي، چيف جسٽس وفاقي شرعي عدالت جسٽس نور محمد مسڪان زئي جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ خميس ڏينهن وياجي نظام خلاف ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. جسٽس سيد محمد انور فيصلو پڙهي ٻڌايو. پنهنجي فيصلي ۾ وفاقي شرعي عدالت وياجي نظام کان پاڪ بينڪاري نظام قائم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي قرار ڏنو ته اسلامي بينڪنگ جي ڊيٽا عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، وياج کان پاڪ بينڪاري سڄي دنيا ۾ ممڪن آهي، وفاقي حڪومت طرفان وياج کان پاڪ بينڪنگ جي ناڪاري اثرن سان متفق ناهيون، اهي سمورا قانون جن ۾ وياج جو لفظ  استعمال ٿيو آهي، اسلامي شريعت جي ابتڙ قرار ڏنا وڃن ٿا، حڪومت اندروني ۽ ٻاهرين قرضن ۽ ٽرانزيڪشنس کي وياج کان پاڪ بڻائي. آئي ايم ايف، ورلڊ بينڪ سميت بين الاقوامي ادارن سان ٽرانزيڪشنس وياج کان پاڪ ڪيون وڃن، حڪومت ربا کان پاڪ بينڪاري نظام قائم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي. اسلامي تعليم مطابق بينڪاري نظام قائم ڪيو وڃي، حڪومت جا اهي سمورا قانون جن ۾ وياج جو لفظ استعمال ٿيو آهي ان کي ختم ڪيو وڃي. پنجن سالن جي اندر شريعت ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪيو وڃي. ڊسمبر 2027ع تائين وياج کان پاڪ بينڪاري نظام قائم ڪيو وڃي. عدالت کي ٻڌايو وڃي ته وياجي نظام جي خاتمي جي قانونسازي جي لاءِ ڪيترو وقت گهربل آهي. 31 ڊسمبر 2027ع تائين ربا کان مڪمل پاڪ نظام ملڪ ۾ لاڳو ڪيو وڃي. عدالت قرار ڏنو ته اسٽيٽ بينڪ جي اشتريٽجڪ پلان مطابق 30 سيڪڙو بينڪاري اسلامي نظام تي منتقل ٿي چڪي آهي، اسلامي ۽ وياج کان پاڪ بينڪاري نظام جي لاءِ پنجن سالن جو وقت ڪافي آهي، توقع آهي ته حڪومت وياج جي خاتمي جي سالياني رپورٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪندي. آرٽيڪل 38 ايف تي عمل ٿئي ها ته ربا جو خاتمو ڏهاڪا پهرين ٿي وڃي ها. وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سمورن عالمن ۽ اٽارني جنرل کي ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو ٻڌايو ويو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسلامي بينڪاري ۽ وياجي نظام کان پاڪ بينڪاري نظام ٻه مختلف شيون آهن، پاڪستان ۾ پهرين کان ڪجهه جاين تي ويجا کان پاڪ بينڪاري نظام موجود آهي. ربا کي پاڪستان ۾ ختم ٿيڻ گهرجي، پاڪستان جهڙي اسلامي رياست جو معاشي نظام وياج کان پاڪ هجڻ گهرجي. شرعي عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته چين به اسلامي شرعي نظام مطابق وياج کان پاڪ بينڪاري طرف وڃي رهيو آهي، حڪومت بينڪنگ متعلق انٽريسٽ جو لفظ هر قانون مان ڪڍي. پهرين جون کان سموريون اهي شقون جن ۾ وياج جو لفظ موجود آهي اهي ڪالعدم تصور ٿينديون، حڪومت فوري طور تي وياجي نظام جي خاتمي  لاءِ قدم کڻي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.