ملير جي ميونسپل ايڊمنسٽريٽر کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ايڊمنسٽريٽر ڊي ايم سي ملير کي ملازمت کان  هٽائڻ ۽ مستقل نه ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي حڪم باوجود جواب جمع نه ڪرائڻ تي عدالت ڊائريڪٽر ايڊمسٽريٽر ڊي ايم سي ملير جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪندي لاڳاپيل ايس ايچ او کي حڪم ڏنو ته جوابدار کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 10مئي تائين ملتوي ڪندي لوڪل گورنمينٽ جي سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو.درخواست گذار عدالت کي ٻڌايو ته هو انتهائي غريب ماڻهو آهي، کانئس نوڪري تي بحال ڪرڻ  لاءِ رشوت گهري پئي وڃي.عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيوته ادارن جا رويا نامناسب آهن، اسان ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريٽر جا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪريون ٿا.عدالت پاران شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ کان پوءِ به ڊائريڪٽر ايڊمسٽريٽر ملير جواب نه جمع ڪرايو، شوڪاز لوڪل گورنمينٽ سيڪريٽري ذريعي جاري ڪيا ويا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.