خيرپور ۾ سن جي اسيرن جي آزادي لاءِ ڌرڻو، نعري بازي

خيرپور (س  ر) جي ايم سيد جي 27 ورسي جي قومي ڪارڪنن جي مٿان دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف خيرپور ۾ احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو،  مظاهري جي اڳواڻي  ذولفقار اڄڻ ،عمير کوکر ،فرمان سهتو  ديدار جلباڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته  جي ايم سيد جي ورسي ملهائڻ ۽ سنڌ سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قومي ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين حراسان نٿو ڪري سگهجي، هنن چيو ته بي ڏوهه  170 کان وڌيڪ قومي ڪارڪنن مٿان دهشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن جي مزمت ڪريون ٿا، هنن ٻڌايو ته ڪوڙي ڪيسن ۾ 87 ڪارڪنن کي  گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر نظير کوکر ، محمد علي اڄڻ، سورهيه سنڌي ،الفت سهتو، تاج جويو ، سارنگ جويو، سهڻي جويو ، نواز خان ،رئنور محفوظ نوتڪاڻي، اسمائيل نوتڪاڻي، انور بڙدي ،شاهد گبول، عبدالرحمان گبول، عامر گبول ،زاهد گبول ،شڪيل گبول ۽ عبدالله بوزدار سميت مرڪزي اڳواڻ شامل آهن،   هنن چيو ته قومي ڪارڪنن مٿان  ڪوڙن ڪيسن خلاف جئي سنڌ تحريڪ پاران سموري سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جي ايم سيد جي ورسي تان واپس ٿيندڙ قومي ڪارڪنن مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.