سکر ڊگري ڪاليج وٽ 25 جهوپڙين کي باهه، سامان سڙي رک

سکر( رپورٽر) سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد شڪارپور روڊ واري علائقي ۾ ڊگري ڪاليج وٽ 25 کان وڌيڪ جھوپڙين کي اوچتو باهه لڳي وئي، باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ گھرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي  رک ٿي ويو آهي. جڏهن ته باهه جي نتيجي ۾ جانور پڻ سڙي مري ويا آهن. اطلاع ملڻ تي سکر ميونسپل ڪارپوريشن جو ايڊمنسٽريٽر علي رضا انصاري، مختيار ڪار نئون سکر تعلقو ۽ ٻيا واقعي واري هنڌ پهچي ويا. ان موقعي تي ايڊمنسٽريٽر سکر علي رضا انصاري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته واقعو انتهائي افسوسناڪ ٿيو آهي، اسان سڀ متاثرين سان گڏ آهيون. سندس هر قسم جي مدد لاءِ ڪوشش ڪنداسين. فائر برگيڊ عملي وقت سر پهچي باهه تي ڪنٽرول ڪيو آهي. هوڏانهن متاثر ٿيل ماڻهن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن مالي مدد ڪئي وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.