کپرو (ن ع آ)کپري ويجهو ڍليار جي ڳوٺ محمد بخش لسڪاڻي ۾ گهرو اڻبڻت سبب 28 ورهين جي پرڻيل عورت مومل زال لڇمڻ ڪولهي گلي ۾ رسو وجهي ڦاهو کاهي آپگهات ڪري ڇڏيو ڳوٺاڻن جي اطلاع تي کپرو پوليس پهچي مڙھ کي تحويل ۾ وٺي کپرو تعلقه اسپتال آندو جتي ضروري ڪاروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪري ڇڏيو مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.