ناري بازياب ڪرايو، ماٿيلي ۾ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي پوليس خلاف احتجاج

ميرپورماٿيلو (رپورٽ : پريم راٺوڙ) ميرپورماٿيلو ؛ ڳوٺ ملھڻ شيخ جي رھواسين پاران مبينا طور اغوا ٿي ويل نوجوان ناري جي بازيابي لاءِ ايس ايس پي آفيس اڳيان پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج، پوليس خلاف ڇتي  نعريبازي، مھينو اڳ رائونتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ملھڻ شيخ مان 14 سالن جي صغريٰ ڌيءَ وارث شيخ کي جوابدارن عاشق شيخ، رمضان شيخ، الله بچايو شيخ، ۽ ٻيا گھر ۾ گھڙي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آهن، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس ايڇ او اوٻاوڙو ٻه لک رشوت جي گھر ڪئي آهي، اسان غريب آهيون ايتري رقم ڪٿان آڻيون، اڳواڻ تفصيل موجب ڳوٺ ملھڻ شيخ جي رھواسين پاران مبينا طور اغوا ٿي ويل 14 سالن جي صغريٰ ڌي وارث شيخ جي بازيابي لاءِ ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس اڳيان پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ مسمات مريم، مسمات فاطمه، وارث شيخ، رهزن شيخ ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته مھينو اڳ رائونتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ملھڻ شيخ مان 14 سالن جي صغريٰ ڌيءَ وارث شيخ کي جوابدارن عاشق شيخ، رمضان شيخ، الله بچايو شيخ، ۽ ٻيا گھر ۾ گھڙي ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آهن، جنھن جي ايف آئي آر اوٻاوڙو ٿاڻي تي داخل ٿيل آھي، پر پوليس اڃان تائين ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي ۽ نه ئي اسان جي نياڻي کي بازياب ڪرايو آهي، ھنن الزام هڻندي چيو آهي ته ايس ايڇ او اوٻاوڙو اسان کان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٻه لک رشوت جي گھر ڪئي آهي، اسان غريب آهيون ايتري رقم ڪٿان آڻيون ھنن وڌيڪ چيو ته گذريل رات جوابدار ڌر جي ماڻهن اسان جي گھرن تي حملو ڪري حضور بخش شيخ کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، جنھن جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ سبب کيس سکر ريفر  ڪيو ويو آهي، ھنن وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.