چمبڙ ۾ آبادگارن جي پاڻي کوٽ خلاف بک هڙتال

چمبڙ (ت ر)چمبڙ جي چاڪر شاخ ميرانکوري شاخ جي پڇڙين ۾ پاڻي نه پھچڻ ڪري  آبادگارن پاران بک ھڙتالي ڪئيمپ قائم ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي ابادگارن مولا بخش لغاري، دلشاد لغاري امير بخش رند، دلجان لغاري، ۽ ٻين دانھيندي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته مسلسل 20 ڏينھن کان احتجاجون ڪندا پيا اچون آبپاشي عملدار اسان کي سکڻا آسرا پيا ڏين، پاڻي جو ھٿرادو کوٽ قائم ڪيو ويو آھي اسان جي حصي جو پاڻي منڍ جي بااثرن کي وڪڻي ڇڏيو آھي پڇڙين ۾ جر جو پاڻي کارو آھي اسان شاخن جو پاڻي پيئڻ لاءِ به استعمال ڪندا آھيون، جنھنجو ھڪ ڦڙو به ناھي آيو آبپاشي عملدار عيد جي خرچي ٺاھڻ لاءِ اسانجي حصي جو پاڻي منڍ جي بااثرن کي کپائي ڇڏيو آھي، بااثرن جي ڪيلن جي فصل لاءِ پاڻي آھي پڇڙين ۾ پيئڻ لاءِ انسان تڙپي رھيا آھن اسان جي باربار. احتجاجن باوجود ڪنھن جي ڪن تي جونءَ تڪ نه سري. ھنن چيو ته جيسين تائين اسان کي پڇڙي ۾ پيئڻ پاڻي نه مليو ته عيد جو ڏينھن به احتجاج جو سلسلو جاري رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.