ملير ۾ ڳوٺاڻا لينڊ مافيا خلاف سراپا احتجاج، عورتن سميت مظاهرو

ملير (ڊ ر) ملير جي علائقي سپر هاءِ وي لڳ قائم مصري ڀيل ڳوٺ جي رهواسين مصري ڀيل، دودو ڀيل، صالو ڀيل، رامجي ڀيل، بگو ڀيل ۽  ٻين ڳوٺاڻن عورتن ۽ ٻارن سان گڏ ملير پريس ڪلب پهچي بااثر لينڊ مافيا شهزاد صديقي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي مظاهرين نعريبازي ڪندي تحفظ ڏيڻ ۽ بااثر لينڊ مافيا خلاف ڪاروائي ڪرڻ جا نعره هنيا، ڳوٺاڻن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان گذريل چاليهه سالن کان سپر هاءِ وي لڳ رهائش پذير آهيون، 1997 ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ڳوٺ آباد اسڪيم تحت اسان جي ڳوٺ مصري ڀيل کي پڪو ڪري ڳوٺاڻن کي سندون جاري ڪيون هيون، جنهن کانپوءِ وقت گذرڻ سان گڏ بحريا ٽائون ۽ ٻيون سوسائٽيون ٺهڻ سبب لينڊ مافيا جا ماڻهو اسان جي ڳوٺ تي قبضو ڪرڻ لاءِ مختلف طريقن سان اسان کي ڌمڪائي ۽ ڊيڄاري ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته اسان جو ڳوٺ 8 ايڪڙ 10 گهنٽا تي مشتمل آهي جنهن ۾ 400 کان وڌيڪ ڪچا ۽ پڪا گهر ٺهيل آهن، بااثر لينڊ مافيا شهزاد صديقي جيڪو پاڻ کي رٽائرڊ ڪرنل سڏائي رهيو آهي، اسان جي ڳوٺ جي زمين تي قبضي لاءِ پوليس جي معرفت ڪيترائي ڀيرا اسان جي گهرن تي چڙهائيون ڪري اسان جي نوجوانن کي بيگناهه ڪوڙن ڪيسن ۾ ٿاڻن ۾ بند ڪرايو آهي ان کان علاوه ڪيترائي ڀيرا ڪکائن گهرن کي باهيون ڏياري ڪيترائي گهر ساڙايا آهن، هنن چيو ته گذريل ڏينهن بااثر لينڊ مافيا هٿياربند ساڻ ڪري اسان جي ڳوٺ ۾ اچي اسان کي ڌمڪي ڏني آهي ته ٻن ڏينهن اندر ڳوٺ خالي ڪيو ٻي صورت ۾ سموري ڳوٺ کي باهه ڏئي توهان سڀني کي ساڙي مارائي ڇڏيندس، هنن چيو ته ڳوٺ جي تحفظ لاءِ ملير ڪورٽ ۾ اسان سول سوٽ نمبر 2020/176 داخل ڪرايو هو جنهن تي عدالت اسٽي جاري ڪيو آهي، ان باوجود بااثر لينڊ مافيا پوليس معرفت اسان کي حراسان ڪري رهيو آهي، هنن چيو ته اسين غريب هندو ڀيل آهيون اسان جي ڪير به ٻڌڻ ۽ مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، اسان کي اڇوت سمجهي ڌتاريو پيو وڃي اسان انصاف لاءِ ملير پريس ڪلب آيا آهيون اسان کي ميڊيا مان مدد ۽ انصاف جي اميد آهي، ڳوٺاڻن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته مصري ڀيل ڳوٺ جي رهواسين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ بااثر لينڊ مافيا خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.