لاڙڪاڻي ۾ شڪايتن بعد زبون عمارت نه ڊهي، وڏي نقصان جو خدشو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شھر جي دڙي ٿاڻي جي حد ڪرمان باغ واري علائقي ورھين کان خالي پيل جڳھه جو ھڪ حصو پاڙيسري جي گھرڏانهن ڪري پيو نتيجي ۾ ڊاڪٽر ۽ سندس گهر ڀاتي معجزاڻي طور محفوظ رھيا جڏهن  ته گھر جي اڱڻ تي بيٺل ڪار جا شيشا ڀڃين پيا. ان حوالي سان ڊاڪٽر سراج شيخ ٻڌايو ته ورھين کان زبون عمارت خالي پيل ھئي جنهن ڪري نقصان جو انديشو ھو ڪيترائي ڀيرا زبون عمارت جي مالڪ اشوڪ ڪمار ۽ راجڪمار کي محلي واسين دانھون ڪيون پر انهن عمارت نه ڊاھي جن جي لاپرواھي جي ڪري اڄ اهڙو واقعو پيس آيو آهي. ھن چيو ته اڌ حصو زبون عمارت جو منهنجي گھر ۾ ڪرڻ سبب گھرڀاتي معجزاڻي طور رهاسين ۽ ڪار جا شيشا ڀڃي پيا جنهن ڪري لکين روپين جو نقصان به ٿيو آهي. هن چيو ته مون اهڙي واقعي بابت پوليس کي به شڪايت ڪئي آهي ته زبون عمارت جو وڏو حصو ڪرڻ تي آهي جنهن ڪري ڪنهن به وقت جاني نقصان جو انديشو آهي. هن لاڙڪاڻي جي انتظاميه کي اپيل ڪيئي ته نوٽيس وٺي زبون عمارت کي ڊاھي امڪاني جاني ۽ مالي نقصان کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.